شهر سردار

شهر سردار (ماڳ): چوٿين سهسر ق. م وارو هي اوائلي سنڌو تهذيب جو ماڳ شهر سردار جي ڀرسان، بچوني ٽڪرين کان اڌ ميل اولهه طرف بلوچستان ۾ آهي. هي دڙو سڄو ڪچين سرن سان ڀريو پيو هو. هتي مختلف وقتن تي مختلف لوڪن جي رهتن جا نشان آهن. هتان ڪوئيٽا ويئر ٺڪراٺو ملي ٿو. گهڻو ٺڪراٺو يا ته کهرو ۽ اڻ چٽيل آهي يا هلڪي ڳاڙهي رنگ جو آهي. اوائلي ٺڪراٺو ڪيچي بيگ ماڳ وارو، جيڪو اڇي تي ڪاري ليڪي سان آهي سو به مليو آهي. هتان شهر ڪلوئيءَ وارو ٺڪراٺو ميٽوڙي رنگ جو، جنهن تي ٽٻڪا نڪتل آهن، به مليو آهي. هتان مليل وٿن ۾ هڪ پيالو جيڪو 6.7 سينٽي ميٽر قطر جو آهي، ڳاڙهي رنگ جو اڇن ليڪن سان ناسي نقش اٿس. (ممڪن آهي ته اهو ڪوئٽيائي ٺڪر نه هجي) هڪ ڪٽورو ڳاڙهي. پيلي رنگ جو، ڪنارن تي هلڪين ڳاڙهين ڌارين سان به مليو آهي. هي اوائلي سنڌو تهذيب جو ماڳ آهي. هتان ملندڙ ٺڪراٽي ۾ اڇي تي ڪارين چونڪڙين جا ٿلهن ۽ سنهن چٽن وارا ٺڪر، جيڪي ڪوئيٽائي ٺڪر جو نمونو آهن. هڪ اڇڙي ليپي تي گهري ناسي رنگ جا چٽ نڪتل ٺڪر به مليو جيڪو ٿي سگهي ٿو ته ڪوئيٽائي ٺڪر جو ڪو نمونو هجي. ڪڙيالو ڪوپ (cup) جيڪو 6.7 س. م قطر جو آهي، جنهن تي گهري ناسي رنگ جا چٽ آهن سو دمب سادات واري ٺڪراٺي جهڙو آهي. هن ٺڪر جو مٿاڇرو پيلي- ڳاڙهي رنگ جو آهي. اهڙي ٺڪر جو نمونو انجيرا جي پنجين دور مان مليو آهي. هي اوائلي سنڌو تهذيب جو ماڳ ڪري ڳڻيو وڃي ٿو.


لفظ شهر سردارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو